امام بخش شاهه فدوي

امام بخش شاهه ”فدوي“: امام بخش شاهه ”فدوي“ ٺٽي جي رضوي ساداتن مان هو. 1822ع ۾ سندس ولادت ۽ 1888ع ۾ سندس وفات ٿي. وڏو عالم ۽ بزرگ هو. مهدوي عقيدي جو هو. ٺٽي ۾ پنهنجو مدرسو قائم ڪيو هئائين، جتي پاڻ درس ڏيندو هو. مير مرتضائي ٺٽويءَ جو ڀائٽيو ۽ شاگرد هو. شاعر به هو. مرثيا، منقبت ۽ غزل چيا اٿس. هڪ مثنوي ”يوسف زليخا“ به لکي اٿس. سندس واسطو مڪليءَ جي مشهور اولياء سيد محمد يوسف جي خاندان سان هو. سندس پيءُ جو نالو روشن شاهه هو. امام بخش شاهه فدوي جوانيءَ جي ڏهاڙن ۾ تپيدار هو. هو جهرڪ ۽ گهوڙاٻاري، وغيره ۾ نوڪريءَ سانگي رهيو. 1876ع ۾ نوڪري ڇڏيائين. هن جا سنڌ جي مشهور شخصيت غلام محمد شاهه ”گدا“ سان گهرا لاڳاپا هئا ۽ هو سدائين حيدرآباد ۾ ساڻس ملندو هو. ڊاڪٽر اياز قادري پنهنجي ڪتاب ”سنڌي غزل جي اوسر“ جي ٻئي ڀاڱي ۾ لکي ٿو ته ”فدوي پنهنجي دؤر جو نه صرف شاعر هو، پر ٺٽي جو پهريون شاعر آهي، جنهن ڄاڻي واڻي سنڌي شاعريءَ ڏانهن وک وڌائي.“ امام بخش شاهه فدويءَ جو سنڌيءَ ۾ ديوان پڻ موجود آهي .


لفظ امام بخش شاهه فدويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1822.00.00  عيسوي

امام بخش فدوي: 1822ع ۾ سندس ولادت ۽ 1888ع ۾ سندس وفات ٿي


1888.00.00  عيسوي

امام بخش فدوي: 1822ع ۾ سندس ولادت ۽ 1888ع ۾ سندس وفات ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهروز سبزواري
چوڌري خليق الزمان
چندناڻي ارجن (سي ارجن)
اياز پاٽولي
ال ادريسي
رحمت خان گبول
پاٽائي اسحاق قلندر سنڌي
خيرو درس
حافظ شفيع محمد محمدي
احمد متقي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون